SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


آمريڪي انقلاب


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


آمريڪي انقلاب

America Revolution

اميرڪن ريووليوشن

اتر آمريڪا ۾ برطانيا جي 13 باغي رياستن طرفان برطانيائي شهنشاهيت جي وچ ۾ ٿيل جنگ (جيڪا 1775ع کان شروع ٿي ۽ 1783ع ۾ ختم ٿي) کي ”آمريڪي انقلاب يا آمريڪي آزاديءَ جي جنگ“ چيو ويندو آهي. هن جنگ ۾ 13 آمريڪي رياستن بغاوت ڪئي ۽ برطانيا کان آزاديءَ جو اعلان ڪندي 4 جولاءِ 1776ع تي گڏيل آمريڪي رياستن طرفان آزاديءَ جو پڌرناموجاري ڪيو ويو. ان ”بغاوت“ کي روڪڻ لاءِ برطانيا پنهنجون فوجون موڪليون. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ پهرين لڙائي ”ليڪنسيگٽن“ جي جاءِ تي ٿي، جنهن ۾ برطانيا کي شڪست ملي، جڏهن ته بعد ۾ ٿيل ”بينڪرز هل“ ۽ ”بريڊ هل“ وارين لڙاين ۾ آخرڪار باغي فوجن هارايو. هيءَ جنگ 1883ع ۾ پئرس ۾ ٿيل ٺاهه تحت ختم ٿي، جنگ ۾ برطانيا جي موقف کي شڪست ملي، جڏهن ته 13 رياستن گڏجي ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا“ نالي ملڪ قائم ڪيو. اِن جنگ ۾ آمريڪي سياسي اڳواڻن جارج واشنگٽن، ٿامس جيفرسن ۽ جان ايڊمز جو اهم ڪردار رهيو. انهيءَ تبديليءَ جي نتيجي ۾ سڄي دنيا اندر برطانيا مخالف بيٺڪي تحريڪ کي هٿي ملي ۽ سندس قبضي- گيرين خلاف آزاديءَ جي تحريڪن ۽ انقلابن جو اڻ کُٽ سلسلو شروع ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ جنگ کي عام طرح ”آمريڪي انقلاب“ سڏيو ويندو آهي. هن انقلاب جي فرانس وارن تمام گهڻي حمايت ۽ مدد ڪئي، ڇاڪاڻ جو فرانس روايتي طور برطانيا جو شديد مخالف هو. اِن جنگ ۾ آمريڪي عوام جي 45 سيڪڙو ماڻهن بغاوت جي حمايت ڪئي، 20 سيڪڙو برطانيا سان وفاداريءَ جي حق ۾ رهيا، جڏهن ته باقي 35 سيڪڙو آبادي اڻ ڌُري هئي


Remember Me Also:

چنگيل

ث. چَنگِيُرِي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal